ريحانه لغاري

ريحانه لغاري

ريحانه لغاري

ريحانه لغاري: سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي جي پهرين سياسي اڳواڻ عورت ريحانه ولد رئيس خير بخش لغاريءَ جو جنم 18 مارچ 1971ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن اسلاميه لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي ڪئي. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز وڪيل جي حيثيت سان هاءِ ڪورٽ ۾ پرئڪٽس ڪرڻ سان ڪيو. هيءَ هڪ وڪيل سان گڏ سياستدان به آهي. هن 1997ع وارين عام چونڊن ۾ پي. ايس 71 (سجاول بٺوري تڪ) تان سيد اعجاز شاهه شيرازيءَ سان مقابلو ڪيو، پر ڪامياب نه ٿي سگھي. ساڳئي سال مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شموليت اختيار ڪيائين، کيس مسلم ليگ ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جو رابطه سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن 1998ع واري نوازشريف دؤر ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ۽ ڪالاباغ رٿا جي مخالفت ڪندي، مسلم ليگ ۽ خدمت ڪميٽيءَ تان استعيفا ڏئي، پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن وقت پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر آهي. هوءَ ڪجهه وقت لاءِ پيشنٽس بلڊ بئنڪ سجاول جي صدر رهي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.03.18  عيسوي

سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي جي پهرين سياسي اڳواڻ عورت ريحانه ولد رئيس خير بخش لغاريءَ جو جنم 18 مارچ 1971ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٽيل ولڀ ڀائي
سيد مراد علي شاهه
ٿيوو فقير لاشاري
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
بخش علي لاکو
پير بخاري1
آصف اقبال
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
چارلس اوليونٽ
جمالي رفيق احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون